داس طالب

داس ’طالب‘: سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار، ايڊيٽر ۽ شاعر داس ’طالب‘ جو اصل نالو منوهر ڇتارام بجلاڻي آهي. هن 27 آڪٽوبر 1927ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. بي. اي تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سندس خاندان پنهنجو وطن سنڌ ڇڏيو ته هي به ڀارت لڏي ويو ۽ وڃي بمبئيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. افسانوي ادب ۾ داس طالب تمام سٺو مقام رکي ٿو.
داس طالب ماهوار ’سهڻي‘ ۽ ماهوار ’بنيا‘ رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهي چڪو آهي. سندس ناولن ۾: (1) ’انسپيڪٽر جنرل‘ (روسي ناول نويس گوگول جي ڊرامي جو ناول جي انداز ۾ ترجمو- هن روسي ڊرامي جو پهرين مرزا قليچ بيگ به ترجمو ڪيو هو)، (2) ’چيخ‘ (1954ع)، (3) ’سنـڌيءَ جو خـون‘
(1955ع)، (4) ’پهريون پيار‘ (1963ع) وغيره اچي وڃن ٿا.
هن 1986ع ۾ وفات ڪئي


لفظ داس طالبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو